گهڻو پسند ڪيل شعر

ڪڏھن آءُ قريب، ڪريانءِ ڳالهيون ڳجهہ جون،
اندر جا عجيب، اوريانءِ امنگ سپرين.

شيخ اياز

کڻي نماڻا نيڻ، مٺڙي ڏٺو ڏک مان،
واسينگن جئن ويڻ، ڏنگيون منھنجي ڏاھہ کي.

شيخ اياز

دلين جا درياھہ، اٿلي پيا اوچتو،
سالن کان پوءِ ساھہ، ساعت ۾ سرچي ويا.

شيخ اياز

آئي رُت رابيل جي، دل ۾ دود دُکيو،
ناھي ساھہ سکيو، تو بن پل ليءِ اي پرين!

شيخ اياز

آئي رُت رابيل جي، پيا پرينءَ جا پُور،
نينھن سَندا ناسور، اندر ۾ اُکلي پيا.

شيخ اياز

اکڙيون اُڃايل، سڄڻ تُنھنجيِ سونھن جون،
سدا سِڪايل، پرين پنھنجي پيار جون.

شيخ اياز

ورھين کان پوءِ ٿو وسين، برھہ جا بادل!
ترس تہ ٻہ ٽي پل، پياسو آھيان پيار جو.

شيخ اياز

اڄ اکڙن جي اُڃ، پوري ٿي پرينءَ مان،
روح اندر ھئي رڃ، وسي بوند برھہ جي.

شيخ اياز

سدائين ساوڻ، سڄڻ لاتو ساھہ ۾،
گھٽائن ۾ ڄڻ، گذريون گھڙيون عمر جون.

شيخ اياز

گهڙي جا گهاري، تنھن لاٿي سڪ صدين جي،
وڃان مان واري، سھڻا تنھنجي سونھن تان.

شيخ اياز

سڄڻ، منھنجو ساھہ، پھتو تو وٽ پَل ۾.
گهڙي جا گهاري، تنھن لاٿي سڪ صدين جي،

شيخ اياز

رھي منھنجو روح ۾، سدا تنھنجي سونھن،
ورھين لاءِ ورونھن، پلڪ تنھنجي پيار جي.

شيخ اياز

ورھين کان واسو، سڄڻ تنھنجو ساھہ ۾،
پنھنجن کان پاسو، مناسب ناھي مٺا.

شيخ اياز

وينديسانءِ مري، ڳائي تنھنجون ڳالھڙيون،
چوندين ’ھاءِ چري، سچي ھئي سڪ جي.‘

شيخ اياز