گهڻو پسند ڪيل شعر
او سنگيت سُڄاڻ، ٻڌ او سنگيت سُڄاڻ،
ڏيڏر، ڪوئل ساڻ، شرط رکي ڳائي رھيو!
ذرڙو ذرڙو ڀونءِ جو، پاڻ چمڪندو ھاڻ،
اُڀ جي ڪھڙي ڪاڻ، ڳڻي کڻي سج تروار!
گُل جي لاءِ گهڻي ھئي، ھلڪي ھلڪي ماٽ،
ڇو ھي ڇوھي ڇاٽ، کيس نھوڙي ئي ننيو!
ڊاھي مانارو سندن، ماکي سندن لُٽين،
پوءِ بہ جي ڏنگين، ڏوھاري سڏجن مکيون!
مندر ۾ ڀڳوان لاءِ، بجلي اوت پروت،
چؤواٽي تي جوت، انسانن لاءِ وٿ وڏي!
چوندي پنھنجي منھن بہ ٿو، ھاڻي شرم اچيم،
جئن سو ياد پويم، عرض ڪرڻ ڪنھن جي اڳيان!
ايڏي ڦھلي روشني، اُس تي ايڏي سخت،
پنھنجي ڇانوَ درخت، ويو سميٽي پاڻ ۾!
ڏسيو ھزارن رھبرن، ھڪ ئي راھگذار،
رستا ھيئن ھزار، ھڪڙي گمراھيءَ ڪڍيا!
ڪڻ ڪڻ جرڪي پوءِ ڀي، ھاءِ اکين جي اُڃ،
ھيءُ ھرڻ ۽ رُڃ، واريءَ جون واٽيون وڏيون!
سورڻ ويٺي راتڙي، تارن جي تسبيح،
ڪھڙي ڪار قبيح، ڌرتيءَ وارن کان نہ ٿي؟
ڀت تان چاپوڙا لٿل، در جا شيشا چور،
سج پچائي پُور، خالي ھاڻ مڪان ۾!
مستقبل جي راھہ ۾، ھُئو وقت جو پير،
ساٿ ڇني ويو ڪير، اڄ ماضيءَ جي موڙ تي؟
گُلي ملي طوفان ۾، ڊوڙي رک رک ساڻ،
قبرستان مساڻ، مُرڪيا پئي پاٻوھہ مان!
ڏس جهونجهڪڙي جي اُفق، ننڊ نھوڙيا، جاڳ،
انبر ڀنءِ جو ڀاڳ، چميو چمي ڪئن چوڄ مان!