ڄَم جو نالو |
امام علي جنجھي |
تخلص |
امام علي جنجھي |
جنم |
ڇنڇر، 15 مارچ 1975 |
ڄَم جو ھنڌ: |
عمرڪوٽ |
امام علي جنجھي: نظم جي مشھور شاعر امام علي ولد محمد يوسف جنجهي 15 مارچ 1975ع تي ڳوٺ وڪڙيي، تعلقي اسلام ڪوٽ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. ماڊل اسڪول، ميرپورخاص مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ، اسلام ڪوٽ جو ٻہ ڀيرا سيڪريٽري ۽ ھڪ ڀيرا ڪائونسلر، ’سنڌ ڪوتا ڪارج‘ تنظيم اسلام ڪوٽ جو ٻہ ڀيرا سيڪريٽري ۽ ھڪ ڀيرو خزانچي ۽ ’ميگهه سماجي‘ تنظيم جو 2003ع کان 2016ع تائين سيڪريٽري رھي چڪو آھي. ھن غير سرڪاري اداري ‘PVDP’ ۾ سوشل موبلائيزر ايڊمن ايريا آفيس انچارج طور 15 سالن تائين سانگهڙ، خيرپور، ميرپورخاص، ماتلي، ننگرپارڪر ۾ ڪم ڪيو.کيس سامي فائونڊيشن پاران 2008ع ۾ ’پورب ڄائي‘ اوارڊ ڏنو ويو. سندس شاعري مختلف سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رھي آھي.