اوهان نينھن لائي پوءِ ناتا ڪٽيا
اوهان
نينھن
لائي
پوءِ
ناتا
ڪَٽيا،
اسان
پنھنجي
پيرن
تان
ناهيون
هَٽيا.
اسان
کان
ضميرن
جو
سودو
نہ
ٿيندو،
اوهان
مان
ڄَمي
ڪو
جوڌو
نہ
ٿيندو،
چنيسر
ڪڏھين
بي
دودو
نہ
ٿيندو،
مگر
عشق
اسان
جو
ٻودو
نہ
ٿيندو،
اوهان
تہ
ھر
پاپيءَ
جا
جُوتا
چَٽيا،
اسان
پنھنجي
پيرن
تان
ناهيون
هَٽيا.
وڏي
ڏينھن
ٻُڌوسين
وِڪاڻا
ٽڪن
۾،
انڌا
گونگا
ٻوڙا
۽
ڪاڻا
ٽڪن
۾،
وقت
کان
اڳي
ئي
وِساڻا
ٽڪن
۾،
ڏيئا
ٿي
نہ
ٻَريا
اُجهاڻا
ٽڪن
۾،
مُفادن
جي
پويان
هِنِ
جيڪي
مَٽيا،
اسان
پنھنجي
پيرن
تان
ناهيون
هَٽيا.
گھڻن
مڙس
ماڻهن
جا
پَٽڪا
ڏُري
ويا،
ڪري
خوار
پنھنجي
پراڻي
پُري
ويا،
ڪني
جو
تہ
رڳو
مڻڪا
جُھري
ويا،
رکي
پاڻ
پنھنجي
نڪ
تي
ڇُري
ويا،
جني
ڪالھہ
ھئا
ھت
شھپر
وٽيا،
اسان
پنھنجي
پيرن
تان
ناهيون
هَٽيا.
امام علي جنجھي: نظم جي مشھور شاعر امام علي ولد محمد يوسف جنجهي 15 مارچ 1975ع تي ڳوٺ وڪڙيي، تعلقي اسلام ڪوٽ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. ماڊل اسڪول، ميرپورخاص مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ،...
ھِن نظم بابت