عبادت سٺو آ تہ اندر ۾ ڪجي

وڃي ڇا مسجد ۽ مندر ۾ ڪجي،
عبادت سٺو آ تہ اندر ۾ ڪجي،
قتل گاھہ بڻيا سڀئي آشيانا،
مزو ئي ڇڏي ويا مڙئي مئخانا،
ڀلا پيگ ھڪڙو پيئون ئي ڪٿي،
سرور ۽ سڪون سان جيئون ئي ڪٿي،
امن جا پکي اڄ قتل عام ٿين ٿا،
ھزارين حسين بُت نيلام ٿيئن ٿا،
رھي ڇا رھزنن جي شھر ۾ ڪجي،
عبادت سٺو آ تہ اندر ۾ ڪجي،
محفلون بہ مڪليءَ جون مڪان ٿيون لڳن،
محبتون بہ ريزڪيءَ جون دڪان ٿيون لڳن،
وفائي بہ واھہ جي وبا ٿي لڳي آ،
دوستي بہ دشمني صفا ٿي لڳي آ،
ھتي سچ سدائين سوليءَ چڙھيو آ،
ھتي ڪوڙ ڪافي وقت تي وڙھيو آ،
اچي ڇا تہ اھڙي چڪر ۾ ڪجي،
عبادت سٺو آ اندر ۾ ڪجي،
رھيون کوڙ ساريون خواھشون اڌوريون،
تڙپن ٿيون تن ليءَ تلاشيون اڌوريون،
جھروڪن مان جهاتيون اڃان تائين آھن،
اکيون روز آتيون اڃان تائين آھن،
سگھن باغ بلبل ڪٿي سور سَلي،
اڙي او شاعر اڙي او امام علي،
اندازو تہ انھي اکر ۾ ڪجي،
عبادت سٺو آ تہ اندر ۾ ڪجي.

author

امام علي جنجھي: نظم جي مشھور شاعر امام علي ولد محمد يوسف جنجهي 15 مارچ 1975ع تي ڳوٺ وڪڙيي، تعلقي اسلام ڪوٽ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. ماڊل اسڪول، ميرپورخاص مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ،...

ھِن نظم بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait