تنھنجي بدن جي خوشبو ۽ شام جا نظارا

تنھنجي بدن جي خوشبو ۽ شام جا نظارا،
ڄڻ مئڪشن لئہ آھن، ڪنھن جام جا نظارا!

اکڙيون جهڪائي آڇيئي، ديوانگي صدين جي،
ڪيڏا حسين آھن، ان مام جا نظارا!

يوسف کي ٿا کپائن، ڪوئي نہ آھ گاھڪ،
ڪيڏا ڀوائتا ھن، نيلام جا نظارا

سورج لھي ويو آ، ڏيئو نٿو ڪو ٻاري،
ڪھڙا ڀلا ٻيو ٿيندا ڪُھرام جا نظارا

ڪنھن جو ٻچو جليو ٿي، ڏاھپ ھو ڏوھ جنھن جو،
ھن ملڪ ۾ عجب ھن، الزام جا نظارا!

ھو سمنڊ جو ڪنارو ۽ وار کليل تنھنجا،
مون لئہ اھي ئي آھن، آرام جا نظارا!

author

دادن ثقلين لاشاري 6 مئي 1988ع تي سنڌ جي ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه، تعلقو قنبر ۾ ڄائو. هن جو ٻالڪپڻ سنڌ جي ثقافتي ۽ علمي ماحول ۾ گذريو، جنھن سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي سفر:...

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait