سنسان ھيو مندر، اڄ ديپ جليو آھي

سنسان ھيو مندر، اڄ ديپ جليو آھي
ھو عشق جوانيءَ جو، پوڙھپ ۾ مليو آھي

توساڻ ڪرڻ ڳالهيون، ھڪ خواب جنوني ھو،
سو خواب ۾ ئي توسان اڃ رنج سليو آھي

درويش صدائن تي، ڪو ڌيان ڌري ئي نٿو،
ڪم ظرف ڏسائُن کان ڪو واءُ گهُليو آھي.

ھن عشق جي جهوپي ۾، رت آھ سندم شامل،
۽ دل سان ويھي جانان!، ڪانن کي ڇِليو آھي

ھن برھ جي آراين، آ جيءُ ڦٽيو منھنجو،
سو ياد اوھان جي جو، مون ميٽُ مليو آھي.

سنڌوءَ ۾ لھي جيئن ئي، ھن لڱ پسايا پئي،
درياھ ڪيا ڌڌڪا، مَنُ مست ڇُليو آھي.

author

دادن ثقلين لاشاري 6 مئي 1988ع تي سنڌ جي ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه، تعلقو قنبر ۾ ڄائو. هن جو ٻالڪپڻ سنڌ جي ثقافتي ۽ علمي ماحول ۾ گذريو، جنھن سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي سفر:...

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

ھي غزل مٽيءَ جو مڪتب ڪتاب تان چونڊ ڪيل آھي

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait