پير چادر کان ڪڍي ڪاڏي ڪيون

پير چادر کان ڪڍي ڪاڏي ڪيون،
زندگي ھيءَ بي وڙي ڪاڏي ڪيون.

عشق جي ناھي خبر ھن کي اڃان،
ڪو ٻڌائي دل کڻي ڪاڏي ڪيون.

چين ڪاٿي ٿو ملي مونکي ڏسيو،
يار ھيڏي بيوسي ڪاڏي ڪيون.

چڪ اھڙو ھانءَ ۾ آھي لڳل،
دوستن جي دشمني ڪاڏي ڪيون.

ڀينگ آھي ڳوٺ منھنجي ۾ ميان،
۽ وڏيرن جي ٺڳي، ڪاڏي ڪيون.

پيءُ پنھنجي پٽَ جي لاشي مٿان،
روئي روئي پيو مري ڪاڏي ڪيون.

دير ٿي وئي ڌيءُ گهر آئي نہ آ،
مامتا جي دل ڏري ڪاڏي ڪيون.

مون نہ سيتائي لکيو ھڪڙي حليم،
سچ تي وئي دل کري ڪاڏي ڪيون

author

حليم سيتائي 6 سيپٽيمبر 1987ع تي ميھڙ تعلقي جي ڳوٺ گاھي خان جانوري ۾ ڄائو، ھن جو ٻالڪپڻ سيتا جي ثقافتي ۽ علمي ماحول ۾ گذريو، جنھن سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي سفر: 1992ع ۾...

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait