مون ٻانهن ڦٽي آھي

مون ٻانهن ڦٽي آھي
ڪنھن کي نہ ڏسي آھي
ھي سور سليان ڪنھن سان.

ڪلهہ کاڻ پئي ھن جي
۽ منهنجي ھلي جيڪا
سا ڳالهہ ڍڪي آھي
ھي سور سليان ڪنھن سان.

پايل جي تہ ڇن ڇن ۾
۽ دل جي ڌڙڪن ۾
ھلچل ڪا متي آھي
ھي سور سليان ڪنھن سان.

ھي ڇا جو حشر آھي
پٽڪي ۾ سڀن جي ڇو
ھي ڪل ٿڙي آھي
ھي سور سليان ڪنھن سان.

ڪٿ آھين خدا منهنجا
منهنجي ۽ ٻچن جي اڄ
وئي لڄ لٽي آھي
ھي سور سليان ڪنھن سان.

پيرن جي کُڙين ۾ ڏس
ھي ڙاڪون ويون پئجي
جهانجهر بہ وڳي آھي
ھي سور سليان ڪنھن سان.

author

حليم سيتائي 6 سيپٽيمبر 1987ع تي ميھڙ تعلقي جي ڳوٺ گاھي خان جانوري ۾ ڄائو، ھن جو ٻالڪپڻ سيتا جي ثقافتي ۽ علمي ماحول ۾ گذريو، جنھن سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي سفر: 1992ع ۾...

ٽِڪليُون

ھِن گيت بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait