توکي ڪير نہ چاھي سائين

توکي ڪير نہ چاھي سائين،
توبن جڳ ۾ ڇاھي سائين

معمولي ڳالهين ۾ ڦاٿل،
لوڪ سمورو آھي سائين

انڌ جي چوٽي تي آ ماڻهو،
ڪير انھيءَ کي لاھي سائين

تنھنجي پيرَ جي ڌوڙَ برابر،
ناھي ڪو ڀي ناھي سائين

ھر ڪو ڊاھڻ م آ مون کي،
ڪو تہ ھجي جو ٺاھي سائين.

آخر ڪيسيتائين حليمُ،
ڳاھُ ڏکن جو ڳاھي سائين.

author

حليم سيتائي 6 سيپٽيمبر 1987ع تي ميھڙ تعلقي جي ڳوٺ گاھي خان جانوري ۾ ڄائو، ھن جو ٻالڪپڻ سيتا جي ثقافتي ۽ علمي ماحول ۾ گذريو، جنھن سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي سفر: 1992ع ۾...

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait