ڪيترا گهاوَ ھا ڪُهاڙيءَ تي

ڪيترا گهاوَ ھا ڪُهاڙيءَ تي،
ھئي وَھي بي گناھہ ڄاڙيءَ تي.

منهنجو ويڙهو تہ خاڪ ٿيو سارو،
مينھن برسيو تہ ڇا اماڙيءَ تي!

زندگي دير سان سڏيو ھن کي،
جئن پڳو موت لئہ پهاڙيءَ تي.

آ جواني مزا وٺان ماڻي،
آھي توبهہ ڇڏي پڇاڙيءَ تي.

اي پرين! مستقل اچي رھہ تون،
ٽهڪ ڪيڏا وٺان ڏھاڙيءَ تي.

جي نہ غفلت جي غار مان اٿبو،
وقت ڏيندو چماٽ ڪياڙيءَ تي.

ھو قلعو آ زبون اندر کان،
تو نظر بس وڌي مُهاڙيءَ تي.

خواب جو مُلھہّ توکي ڇا ڏيندو؟
تون چڙھيو ھٽّ آن ڪٻاڙيءَ تي.

ڪاڪ جا مينڌرا گهڻا ئي اٿي،
تون اڪيلو تہ نہ ناھين ماڙيءَ تي.

قوم جو درد آھي پنڊت کي!
ڀروسو تو بہ ڪيو لٻاڙيءَ تي؟

author

دادن ثقلين لاشاري 6 مئي 1988ع تي سنڌ جي ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه، تعلقو قنبر ۾ ڄائو. هن جو ٻالڪپڻ سنڌ جي ثقافتي ۽ علمي ماحول ۾ گذريو، جنھن سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي سفر:...

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait