اگهن لئہ ڪو خدا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو؟

اگهن لئہ ڪو خدا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو؟
اگر محشر بپا ٿيندو تہ ڇا ٿيندو!

مرڻ کان پوءِ، ٿئي ڇا ٿو، آ ڪھڙو فرق؟
جي نالو ڀي فنا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو؟

وطن تو لئہ ڪيو آھي اسان جو ڀي،
ھلي اڳتي سزا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو.

ٿيڻ جنھن کي کپي ھٿ جستجو وارو،
رڳو سکڻي دعا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو!

نٿو ھڪ بوند ڀي آڇي اڃارن کي،
سمندر لئہ گهٽا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو!

دعائون دشمنن لئہ ڀي گُهري ويٺو،
اھو جي بد دعا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو!

هُو، جنهنجو حوصلو، جبلن کان ھو ڏاڍو،
ٽٽي ذرڙا صفا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو!

اُٿي درويش آڌيءَ جو ڪندو حق حق،
شھر سارو خفا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو؟

شروع ۾ ئي، آ ڳاهيو عشق سارين جئن،
اگر ھي انتھا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو؟

اسان اڳ ۾ ئي، پنھنجي خاڪ ٿا ميڙيون،
وري ھو ڀي ھوا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو؟

عمر ڀر ھو، نئين پوشاڪ لئہ ترسيو،
ڪفن ڪورو عطا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو؟

اسان جنهنجي، مسيحائي تي ٿا جيئون،
اھو ئي جي وبا ٿيندو، تہ ڇا ٿيندو!؟

author

دادن ثقلين لاشاري 6 مئي 1988ع تي سنڌ جي ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه، تعلقو قنبر ۾ ڄائو. هن جو ٻالڪپڻ سنڌ جي ثقافتي ۽ علمي ماحول ۾ گذريو، جنھن سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي سفر:...

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait