آ ڇانيل ٻاٽ ھر پاسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو

آ ڇانيل ٻاٽ ھر پاسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو،
نگر پاتال جيئن ڀاسي، ڪا ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو.

ھوائون تيز تر آھن، گهٽائون تيز تر آھن،
وِڌو آ زور چؤماسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو.

وچولو، لاڙ روئن ٿا، اتر ڀي ڪرب ۾ آھي،
وڏو آ ويل وارياسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو.

وڌيو آ راڄ چمڙن جو، آ ماڻهو کاڄ ڄورن جو،
پوي ٿو روز ڪنھن جهانسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو.

سڄو ئي ديس آ تپ ۾، خبر ناهي تہ ڪنھن ڊپ ۾،
وتل ھر شخص آ ھاسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو.

کڻن ٿا ساھہ جيئن ماڻهو، ٿين تاريڪ ٿا چهرا،
ويو اونداهہ ڪو واسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو.

مسافر انڌ ۾ آھن، صدين کان پنڌ ۾ آھن،
سڏيو سونھين نہ ڪنھن پاسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو.

سدائين قوم پئي ڳولي، ڪوئي رھبر، ڪوئي گهاتُو،
اچي وڃ ماهہ ڪنھن ماسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو.

رڳو ڪشڪول ٿا ڏسجن، ٽنگيل ڪي جهولَ ٿا ڏسجن،
اچي ٽڪرا ڪرج ڪاسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو.

ھي دنيا جهنگ اڻڄاتل، بلائون تاڙ ۾ ويٺل،
رکج ھٿ ھر گهڙي اداسي، ڪا ٽم ٽم ٿي، ڪو ٽانڊاڻو.

author

دادن ثقلين لاشاري 6 مئي 1988ع تي سنڌ جي ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه، تعلقو قنبر ۾ ڄائو. هن جو ٻالڪپڻ سنڌ جي ثقافتي ۽ علمي ماحول ۾ گذريو، جنھن سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي سفر:...

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait