ڌِيري ڌِيري جهُولن يادون

ڌِيري ڌِيري جهُولن يادون، جيئن جيئن جهُولي واءُ اُتر جِي
او سانولڙا! ھيل ھلي آ، پل پل پڄري رات ھِجر جِي.

ھِي نم ڇانئُون ھُو انب جهُولا، سِج تِڙڪن جا ساڳيا پاڇولا،
تون ئي رڳو ھڪ بدليو آھين، باقي تہ ھر شئي ساڳي آ گهر جِي

جيون سارو سُڃ ۽ صحرا، رڃ وستين ۾ ڪنھنجا بسيرا،
گهايل اکڙيون وسميل چھرا، جن کي لٽيو وئي گرد سفر جِي

وڻجاري ڪيا قول ورڻ جا، ساريان تبسم سانگ اچڻ جا،
ڪو پرڏيھي ايندُم پيھِي، روز ٻھاريان خاڪ بندر جِي

author

عبدالغفار تخلص ”تبسم“ ولد قادر بخش ڀٽي تاريخ 20 نومبر 1951ع تي ڳوٺ مير پور ڀٽو تعلقو رتو ديرو ضلعو لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم نئو ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديري...

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait