محبتون ورڇيندي تون لمحن جا پيمانا نہ رک

محبتون ورڇيندي تون لمحن جا پيمانا نہ رک،
چاهتون آڇيندي جانان بندشون بي جا نہ رک.

موسمون ڪونجون ٿي ورنديون پر سمي وارا پکي،
جي اڏامي ويا سکي، تن لاءِ دکي جذبا نہ رک.

نرم لهجن ۾ تکن لفظن جا ڪوڪا رلِ نہ دوست،
کنڊ يا ڳڙ چاشنيءَ تي زھر جا ٻُرڪا نہ رک.

ڪن مروٽي، جهوٽي ھوريان، چيو ٻروٽي کي چريا،
ڇڏ تہ ڀؤنرو بوسي مکڙيون تون مٿس پهرا نہ رک.

ڌر تتيءَ جو باز ڀڙڪيو، جهرڪي وئي وسمي سڄي،
هوءَ پناهون پئي تلاشي موت جا مارا نہ رک.

مروتون ايڏيون نہ ڪر جو زندگي ڀاڙيون وتي،
دوستيءَ ۾ تون ارادا دشمنن جهڙا نہ رک.

اي ڪوي! هيءَ شاعريءَ جي ڏات تقدس ٿي گهري،
جيت يا ڪا ھار سوچي راند جا مُهرا نہ رک.

تنهنجي پڙلاون ۾ پنھنجي نوع جي پيڙا الڳ،
تون صدائن ۾ پَپيھر ڪونج جا لهجا نہ رک.

بادواڻن جي وٿين مان نئون صبوح جهلڪي پيو،
رات جي بي خوابين جا ياد افسانا نہ رک.

آرسي سامهون رکي پاڇن جي دلجوئي ڪندي،
آٿتون چَپ تي ھٿن ۾ سنگ ياتيشا نہ رک.

روح جي گهرائين مان دلبري گهرجي پرين،
آجيان جي اهتمامن ۾ رُکا جملا نہ رک.

ھن پهاڙين جي سفر ۾ پٿرن تان گذرندي،
روز پيو ڦٽبين او رمتا! درد جا ليکا نہ رک.

موسمن جي بدلجڻ جو چاهتن سان ڇا سنٻنڌ،
مند وارين مصلحتن ۾ قيد اک آرا نہ رک.

قيدخاني ۾ پکيءَ ليلائيندي چيو اي ڌڻي!
مرهمن وارين دٻين ۾ آس جا ڦندا نہ رک.

ھڪ گلن جي واٽ ڏي ۽ ٻيو شڪاريءَ گهاٽ ڏي،
ھر طرف کوليون ”تبسم“، دل جا دروازا نہ رک.

author

عبدالغفار تخلص ”تبسم“ ولد قادر بخش ڀٽي تاريخ 20 نومبر 1951ع تي ڳوٺ مير پور ڀٽو تعلقو رتو ديرو ضلعو لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم نئو ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديري...

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait