بند اکين سان تنھنجو سپنو ڏسنداسين

بند اکين سان تنھنجو سپنو ڏسنداسين،
سپني کي پوءِ دل ۾ سانڍي رَکنداسين.

هونءَ تہ ارڏا آهيون سھڻا شاه لطيف!
تون جي ايندين تنھنجي آڏو جُهڪنداسين.

هرڻَ سمورا چنڊَ جي ٽڪريءَ تي چاڙھي،
پوءِ شڪارين سان ڌرتيءَ تي وڙهنداسين.

ھاءِ پرين شل تون ئي زندہ باد هجين،
شعرَ پيا تنھنجي اکڙين تي لکنداسين.

طوفانن ۾ ھڪڙي وڻ جي هاڪَ هئي،
پاڻ پکين کان تَنھن جون ڳالهيون ٻُڌنداسين.

author

موجود ناهي.

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait