اکين آڏو ھجي جنھن کي، رڳو ميھار جي ھستي

اکين آڏو ھجي جنھن کي، رڳو ميھار جي ھستي،
ڪٿي سھڻي ڀلا ڏسندي؟ سنڌو درياهہ جي مستي،

ڏٺاسين رنگ برنگ رستا، گهميونسين شاهراهون پر!
وساري ڪونہ سگهياسين، اوهان جي ڳوٺ جي رستِي،

جبل جھڙين جوانين کي، جلايو ويو آ جنمن کان،
ڇڪيو ويو آ، زمانن کان، زبانن کي، زبردستي!

بچيو آھي اڪيلو بڙ، سُڪِي ھر ھر ٿو سائو ٿئي،
لَڏَي ويا جهونڙا جوڳي، وَئي برباد ٿي بستي!

ڏسڻ ۾ ڏهہ لڳن ٿا پر ٻُڌڻ ۾ ٻاھتر آھن،
وڏو آ شور شعرا جو - ادب ۾ ايتري پستي؟

author

موجود ناهي.

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait