مان باغي ھان، مان باغي ھان

جي دل ۾ تنهنجي ڪلفت آ، تہ مونکي توکان نفرت آ،
جي دين اوهان جو دولت آ، مذھب منهنجو محبت آ،
تون انسانن جو ويري آن، ۽ منهنجي توتي لعنت آ،
مان باغي ھان، مان باغي ھان.

هيءَ ڳاڙي ماڙي رئيسن جي، ۽ سائي جيب وڏيرن جي،
مان باغي ھان سو باھہ ڏئي ٿو ڪريان سڄ لٽيرن جي،
ھت ٻن ڏينھن کان ٻار بکيا، هُت توکي تياري نيرن جي،
اڄ لوڪ ڏسي ڪيئن ٿيندي آ، جهڙپ بکايل شيرن جي،
مان باغي ھان، مان باغي ھان.

ھت ڀونڪ ڪتي جي ڪان ٻجهي، ھت وڏڙا واڪا ڪڪڙن جا،
ھي بنگلو آھي رئيسن جو، جت ڌوڙيا آھن ڌُڪڙن جا،
ھت گاھہ نہ آھي گابي کي، ھت چارا آھن ڪڪڙن جا،
ھي هاريءَ جو ھڪ ديرو آ، جتي مارا آھن مڪڙن جا،
مان باغي ھان مان باغي ھان.

ھي مفت جون مانيون ملان جون، جي اوڙو پاڙو آڻي ٿو،
سي کائي کائي خوش ٿئي، ۽ مفت ۾ موجون ماڻي ٿو،
۽ ٽڻ مڻ ٽڻ مڻ تسبيح تي، ٻي وائي ڪا بہ نہ ڄاڻي ٿو،
ھي ڪافر آ، ھو ڪافر آ، بس تند اھا ئي تاڻي ٿو،
مان باغي ھان مان باغي ھان.

تون ماڻهو ماري مرڪين ٿو، مان ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيان ٿو،
تون لاشن تي ٿو ڏند ڪڍين، مان لڙڪ انهن تي لاڙيان ٿو،
مان انسانيت جو درس ڏئي، ڏس قول اڳوڻو پاڙيان ٿو،
مان سوليءَ تي پڻ سچ چئي، اڄ تنھنجو اندر ساڙيان ٿو،
مان باغي ھان مان باغِي ھان.

او ڀڀ وڏا او ڄڀ وڏا، جي تنهنجي ھٿ ۾ گولي آ،
تہ باغي ھڪڙو مان ناهيان، مون سان باغِي ٽولي آ،
ھي سڀ اھي جن سان کيڏي خون جي ھر دم ھولي آ،
۽ مرسون مرسون سنڌ نہ ڏيسون، سڀني جي هيءَ ٻولي آ،
مان باغي ھان، مان باغي ھان.

author

راشد مورائي: سنڌ جي ناليواري قومي ۽ مزاحمتي شاعر راشد مورائي (سيد راشد علي شاهه) 5 مارچ 1944ع تي جوڻالوءِ، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي سنڌي ادب 1988ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ڪئي....

ٽِڪليُون

ھِن گيت بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait