ڄَم جو نالو |
مشتاق علي قريشي |
تخلص |
وفا |
جنم |
ڇنڇر، 15 مئي 1943 |
ڄَم جو ھنڌ: |
امرتسر |
لاڏاڻو |
سومر، 03 جنوري 2005 |
لاڏاڻي جو ھنڌ |
ڪراچي |
وفا ناٿن شاھي (1943 - 2005) جو اصل نالو مشتاق علي قريشي ھو، سندس جنم 15 مئي 1943ع تي بنڊيالا ضلع امرتسر ۾ ٿيو، ھُن غزلن سان گڏوگڏ مختلف صنفن تي ھزارين شعر لکيا.
وفا ناٿن شاھي جا اباڻا بنڊيالا مان سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ دادو ضلعي جي خيرپورناٿن شاھ تعلقي جي ڳوٺ ”گوزي“ ۾ آباد ٿيا. غربت سبب سندس تعليم محدود رهي، پر پوءِ بہ هن انٽر، بي اي، ايم اي (پوليٽيڪل سائنس)، ۽ لا جا ڪورس مڪمل ڪيا.
گوزي ۾ سنڌي ماحول ۽ والد کان ورثي ۾ مليل موسيقيءَ جي شوق کيس شاعريءَ ڏانهن راغب ڪيو. پهريون غزل 1963ع ۾ لکيو ۽ ”وفا“ تخلص اختيار ڪيائين. سندس استاد محسن ڪڪڙائي هو. وفا پنجابيءَ کي ڇڏي سنڌي شاعريءَ کي پنهنجو وسيلو بڻايو. هن اڍائي کان ٽي هزار غزل، سوين نظم، ٽيڙو، ماهيا، ۽ رباعيون تخليق ڪيون.
وفا جا اهم شعري مجموعا ”اکين ۾ الماس“ (2000ع)، ”اوجاڳن جو انت“، ۽ ”وفا“ (2004ع) آهن. سنڌي غزل جي جديد تاريخ ۾ وفا کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. سندس غزلن ۾ جدت ۽ خيالن جي نواڻ گهٽ شاعرن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
وفا 3 جنوري 2005ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس شاعري سنڌي ادب جو قيمتي سرمايو آهي، جنهن کي تاحيات محفوظ ڪرڻ جي لاءِ باک تي رکي پئي وڃي.