يا چھرن تي پردا وَرائي ڇڏيو

يا چھرن تي پردا وَرائي ڇڏيو،
يا منھنجي نظر کي مَڃائي ڇڏيو.

سويرن جي تائيد جا دشمنو!
مون کي گولين سان اُڏائي ڇڏيو.

جي چاھيو تہ مخمور اکيون کڻي،
زمين آسمان سان ملائي ڇڏيو.

نہ پيرن اگهاڙا گهُمو باغ ۾.
متان ڪنھن جا جذبات گهائي ڇڏيو.

بھارن جي ڪھڙي ٿا موسم پُڇو،
جڏھن ڀي اوھان مُسڪرائي ڇڏيو.

’وفا‘! موت جي ڇا تقاضا ڪبي،
جڏھن زندگيءَ ئي وڄائي ڇڏيو

author

وفا ناٿن شاھي (1943 - 2005) جو اصل نالو مشتاق علي قريشي ھو، سندس جنم 15 مئي 1943ع تي بنڊيالا ضلع امرتسر ۾ ٿيو، ھُن غزلن سان گڏوگڏ مختلف صنفن تي ھزارين شعر لکيا. وفا ناٿن شاھي جا اباڻا بنڊيالا...

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait