ڄَم جو نالو |
مير امام بخش |
تخلص |
ساجد |
جنم |
آچر، 05 مارچ 1978 |
ڄَم جو ھنڌ: |
لاڙڪاڻو |
ساجد سنڌيءَ جو اصل نالو مير امام بخش جاگيراڻي آھي، ھُن لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي ۾، محمد صادق جاگيراڻيءَ جي گهر ۾ 5 مارچ 1978ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺان ئي حاصل ڪئي، مئٽرڪ ۽ بي.اي جِي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. ساجد 1998ع کان صحافت جي شروعات ڪئي، ھُو وڏو عرصو روزاني ”خبرون“ ۾ ايڊيٽوريل صفحن جو انچارج رھيو. سندس ادب ۾ پڻ تمام گهڻيون خدمتون آھن.
ساجد ادبي دنيا ۾ ليکڪ طور پير پاتو، جنھن دوران سرڪش سنڌي، حڪيم ضياءُ الدين جتوئي ۽ ٻين سينيئر شاعرن سندس رھنمائي ڪئي. ھن شاعريءَ ۾ لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي. سندس شعري مجموعن ۾ ’تون، مان ۽ خدا‘ ۽ ’سمبارا‘ نمايان آھن.
ساجد ھن وقت حيدرآباد ۾ رھي ٿو ۽ ’سمبارا‘ نالي سان پبليڪيشن جو سرواڻ آھي.