ڄَم جو نالو |
سيد امداد علي شاھ |
جنم |
آچر، 10 مارچ 1940 |
ڄَم جو ھنڌ: |
سکر |
لاڏاڻو |
اڱارو، 27 سيپٽمبر 2022 |
لاڏاڻي جو ھنڌ |
ڪراچي |
امداد حسيني: سنڌ جي صف اول جي شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاھ ولد سيد فضل محمد شاھ آھي. پاڻ 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي کُٿاب (مڪتب) ۾ ورتائين. مئٽرڪ نورمحمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيئيٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري (پارٽ ٽائيم) ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽه- ماھي ”مھراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد جھڙي ثقافتي مرڪز ۾ پليو نپنو ۽ ٽيھ سال ڄام شوري ۾ رھائش پذير رھيو. امداد حسينيءَ جي خاندان ۾ وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آھن. سندس ڏاڏو علامه اسد الله شاھ ”فدا“ پنھنجي دور جو جيد عالم ۽ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جو شاعر ٿي گذريو آھي. امداد جي شاعريءَ جو ھڪ مختصر مجموعو، ”امداد آھي رول“ 1976ع ۾ سنڌي اڪئڊمي حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس طويل نظم ”شھر“ (1988ع ۾ لکيل ’شھر آشوب‘) مارچ 2000ع ۾، ٽيون مجموعو ھوا” جي سامهون“ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2000ع ۾، چوٿون مجموعو ”ڪرڻي جھڙو پل“ 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي پڌرا ٿيا. ٽکڙ پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪتاب ”مئل ماڻهو، جيئري پيڙا“ ھن سحر امداد سان گڏجي سھيڙيو ھو. ان کان علاوہ مشھور سنڌي وير گاٿا ”دودي چنيسر“ جو اردوءَ ۾ ترجمو بہ ڇپيل آھي، جيڪو لوڪ ورثي اسلام آباد جو ڇپايل آھي. ھن مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو اردو ترجمو بہ پڻ ڪيو، جيڪو اڪادمي ادبيات اسلام آباد ڇپايو. احمد خان آصف جي ٻاراڻن ٻولن تي مشتمل ڪتاب ’ٻاراڻا ٻول‘ (ڇھه جلد) جھڙي اھم تصنيف کي امداد حسينيءَ ايڊٽ ڪيو. اردو اڪئڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس. سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ (1971ع) سنڌالاجي پاران ڇپيو. ھن بابا فريد ۽ ماڌو لال حسين جي پنجابي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’زرد مٽي‘ 2022ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. امداد حسيني بزم طالب الموليٰ حيدرآباد شاخ ۽ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري پڻ رھيو. سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ امداد حسينيءَ عملي طور ڀرپور بھرو ورتو. امداد حسينيءَ ”سانول“ جي نالي سان ڪھاڻيون بہ لکيون، ريڊيو لاءِ ناٽڪ، ڪھاڻيون ۽ گيت لکيائين. ريڊيو جي مقبول پروگرام جهڙا” گل گلاب جا“ جا اڪثر اسڪرپٽ بہ امداد حسينيءَ جا لکيل آھن. امداد حسينيءَ ٽيليويزن لاءِ گيت ۽ ناٽڪ پڻ لکيا آھن. ھن فلمن لاءِ گيت لکيا آھن، جن مان ڪجهه آهن: (1) ڌرتي لال ڪنوار (2) سڄڻ سائين (3) سائين '>حاضر سائين (4) جانيئڙا. 2000ع ۾ امداد حسينيءَ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي. ان کان پوءِ بہ ڪانٽريڪٽ تي، ڪجهه عرصو اتي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 2004ع کان 2006ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ٽن رسالن ٽماھي ”مھراڻ“، ماھوار ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ جي چيف ايڊيٽر جون ذميواريون نڀايائين، ان کان پوءِ ڪجهه عرصو اُتي چيف پبلڪيشن آفيسر پڻ رھيو. امداد ”سھڻي“ ۾ نون شاعرن جو ڀاڱو مرتب ڪرڻ کانسواءِ عبرت مئگزين جو ايڊيٽر ۽ ”ڪونج“ جي ھڪ پرچي جو ساٿي ايڊيٽر بہ رھيو. امداد حسيني سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر پڻ رھيو. ھن پنھنجي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ حاصل ڪيا آھن، جن ۾”طلوع پرائيز“، ”طالب الموليٰ اوارڊ“ ۽ ”نارائڻ شيام اوارڊ“، ”تمغه امتياز“ (2003ع) ۽ ”جوش مليح آبادي اوارڊ“ (2007ع) اھم آھن. امداد حسيني بنيادي طور ھڪ شاعر ھو، پر تخليق سان گڏ، مختلف موضوعن تي بہ ھن جو اھم ڪم موجود آھي. جھڙوڪ ٻولي، تنقيد، ٻارن جو ادب ۽ لطيفيات. امداد حسيني سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”انسائيڪلوپيڊيا شاھ عبداللطيف ڀٽائي“ جھڙين اھم رٿائن جي ايڊيٽرن واري سٿ ۾ شامل رھيو. زندگيءَ جا آخري چند سال، پنھنجي ڪٽنب سميت ڪراچيءَ ۾ رھيو ۽ 27 آگسٽ 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ ئي وفات ڪئي، کيس اباڻي ڳوٺ وسي ملوڪ شاھ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.