ڄَم جو نالو |
انور علي شاھ |
تخلص |
انور، سائين |
جنم |
سومر، 01 جنوري 1906 |
ڄَم جو ھنڌ: |
جھانپور |
لاڏاڻو |
اربع، 05 جولاءِ 1961 |
لاڏاڻي جو ھنڌ |
صادق آباد |
صوفي فقير سيد انور علي شاھ جي ولادت بروز اربع 11 محرم الحرام 1224 ھجري بمطابق سن 1906ع ۾ مخدوم سيد خدا بخش شاہ جي گهر ۾، واقع ڳوٺ جھانپور تعلقہ و ضلعہ گهوٽڪي ۾ ٿي. سندن خان جا فرد سبي (بلوچستان) عبدالڪريم شاھہ سبي واور ۽ بعد ۾ اولاد جا ڪجھ فرد ڳوٺ جھانپور تعلقي گهوٽڪي ۾ اچي آباد ٿيا.
ننڍي ھوندي ئي انور شاھ جا والد صاحب وفات ڪري ويا، ان لاءِ پروش سندس چاچي حافظ بھادر علي شاھ ڪئي، جيڪو پنھنجي وقت جو وڏو عالم دين ھو. ھن کي مدرسي ۽ بعد ۾ اسڪول داخل ڪرايو ويو، پر يگانہ خيالن جي ڪري سندس جو تعليم طرف ڪو ڌيان نہ ھو. انور شاھ سنڌي، اردو، ھندي، فارسي، سرائڪي، بلوچي، عربي ۽ مارواڙي ٻوليون ڄاڻيندو ھو. سندس چاچي جي وفات کان پوءِ انور علي شاھ مسجد ۾ امامت پڻ ڪرائيندو ھو. ھڪ دفعي سھماڻي جي نماز ۾ سجدو ڪيائون ۽ فجر محل سجدي مان ان وقت اٿيا، جڏھن موذن اچي فجر جي ٻانگ ڏني، تنھن کان پوءِ ھن ڄاتو تہ ظاھري نماز سالڪ تي روا آھي ۽ وحدت جي وادي ۾ مستغرق رھڻ واري لاءِ باطن جي نماز ئي ڪافي آھي، تنھن کان بيد اڪثر اڪيلائي ۾ رھندا ۽ مسجد ۾ فقط جمع نماز تي ايندا ھئا. ان کان پوءِ صرف عيد صرف عيد جي نماز ئي پڙھندا ھئا.
ھن 30 سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪئي جنھن مان 4 فرزند ٿيا. انور شاھ جي شاعري ڪثير صفن تي مختلف ٻولين ۾ موجود آھي، ھن غزل، ڪافي، بيت، دوھيڙا، وائي، چوسٽا، مسدس، ۽ سي حرفي جي صنفن ۾ شاعري ڪئي آھي. ھن جي شاعري ۾ سڪ، محبت ۽ انسانيت جو پيغام سمايل آھي.
انور شاھ 55 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، گھوڙي فاڏي تي سوار ٿي صادق آباد، پنجاب پنھنجي فقير وٽ ويا، جتي سندن طبيعت ناساز ٿي پئي ۽ اتي ئي 5 جولائي 1961ع ۾ وفات ڪري ويا، سندس آخري آرام گاھ درگاہ عاليہ جھانپور شريف ۾ واقع آھي.