ڄَم جو نالو |
احمد علي گائنچو |
تخلص |
شاڪر |
جنم |
ڇنڇر، 01 فيبروري 1997 |
ڄَم جو ھنڌ: |
حيدرآباد |
احمد شاڪر: نوجوان شاعر، مترجم ۽ نثر نويس احمد شاڪر جو پورو نالو احمد علي گائنچو آھي. 5 فيبروري 1997 تي مڪي (سعودي عرب) ۾ محمد خان گائنچي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ احمد شاڪر جي تعليم ايم. اي (سنڌي ادب) ۽ بي ڪام آھي. ھن 2014ع کان لکڻ شروع ڪيو، پاڻ سٺو شاعر، نثر نويس ۽ مترجم آھي. ھن وقت تائين سندس 6 ڪتاب ڇپجي چڪا آھن، جن ۾ ”قديم دور جون عظيم فلسفي عورتون“ (ترجمو: 2018ع)، ”ڪوتا جي ڪلا“ (جڳ مشھور ڪتاب ”پوئٽڪ“ جو سنڌي ترجمو 2018ع)، ھڪ” نظر هيڏانھن بہ“ (مضمون: 2019ع)، ”پور وڇوٽ پاڇا“ (خط: 2020ع)، ”ڪڙو منجھه ڪڙي“ (خط: 2020ع)، ”چچريل لاش“ (ناول:2021ع) شامل آھن. ان کان سواءِ پاڻ نوجوان شاعر رحمت سومري سان گڏ ”ابابيل“ نالي سان ڪتابي سلسلو جاري ڪندو اچي.