ڄَم جو نالو |
عبدالڪريم سومرو |
تخلص |
ادل، سومرو |
جنم |
سومر، 15 آگسٽ 1955 |
ڄَم جو ھنڌ: |
سکر |
نامياري شاعر ۽ نثر نگار ڊاڪٽر ادل سومري جو اصل نالو عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آھي. 15 آگسٽ 1955ع تي سکر شھر ۾ جنم وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ بہ سندس تمام گهڻيون خدمتون رهيون آھن. 1979ع ۾ ھن ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ پھرين پوزيشن ماڻي، بعد ۾ ايم. اي (اقتصاديات) ۾ پڻ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پوءِ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ پڙھائڻ شروع ڪيائين، جتي ھن وقت پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي چيئرمئن جون ذميواريون نڀائي رھيو آھي. جڏھن تہ شاھ لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ اياز چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ آھي. 1999ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ”سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار“ جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رھنمائي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ٻہ دفعا 94-1992ع ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري جنرل پڻ چونڊيو ويو. ان کانسواءِ ٻين انتظامي ۽ اعزازي ذميوارين تي پڻ رھيو آھي، جن ۾: وائيس چيئرمئن ”بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل“ روھڙي، ميمبر سينيٽ، شاھ لطيف يونيورسٽي، خيرپور (2003-1994-1988ع)، چيئرمئن ”تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، پروفيسر انچارج ”شيخ اياز چيئر“ خيرپور يونيورسٽي، سيڪريٽري ”سچل سرمست يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، ميمبر، نصاب ڪاميٽي، آغا خان بورڊ، ڪراچي، ۽ علامه اقبال يونيورسٽي اسلام آباد، ميمبر، نئشنل اوارڊ ڪاميٽي، اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي شعبو) شاھ لطيف يونيورسٽي، خيرپور، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (شعبو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فئڪلٽي ميمبر، آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. ادل سومرو، غزل، وائي، نظم ۽ بيت جو بھترين شاعر ليکيو وڃي ٿو، سندس شاعري ڪيترن ئي مشھور فنڪارن ٽي. وي، ريڊيو ۽ ڪئسيٽ تي ڳائي مشھوري ماڻي.