تون تہ بيدرد بي قدر آھين

تون تہ بيدرد، بيقدر آھين!
جيءَ ۾ پوءِ بہ جلوہ گر آھين.

زندگيءَ جي ذليل گھڙين ۾،
ضياءَ جي موت جي خبر آھين.

منھنجي ھوندي بہ تون منھنجو ناھين،
تون بہ ڄڻ سنڌ جو شھر آھين.

پڇين ٿو حال! ”ڪيئن پئي گذري؟“
ڪيڏو سادو ۽ بي خبر آھين.

author

الهه بخش ”آڪاش“ انصاري، 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين لڳ ڳوٺ ’ابل جي وسيءَ‘ ۾ ڄائو. شروعاتي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو...

ٽِڪليُون

ھِن نظم بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait