جيڪو جوڙي ٿو

جيڪو جوڙي ٿو،
سو ئي ٽوڙي ٿو.

پيار پُسائي پر،
در نچوڙي ٿو.

ڏينھن جي وڻ مان،
راتيون روڙي ٿو.

مون کي موٽائي،
مون کي موڙي ٿو.

بي حد بيٺو آ،
ڪيڏو ڊوڙي ٿو.

author

نئين ٽهيءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده شاعر حسن درس جو جنم، 5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مشائخ هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ ٿيو. حسن درس جا وڏا اصل ۾...

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait