جوانيءَ جي جر تي اسين آھيون پھتا

محبت جي منزل جا ماريل مسافر،
ڏني ۽ نہ ورتي اسين آھيون پھتا.

رُسن ٿا تہ رڻ ۾ ئي رھجي وڃون ٿا،
پرينءَ نيٺ پرتي اسين آھيون پھتا.

ستارا تہ اورئين وکن ۾ ڇڏيا سين،
انھيءَ کان بہ پرتي اسين آھيون پھتا.

ڀڄي نيٺ پاڻيءَ کي پياسو ڪيوسين،
جڏھن کان ئي جر تي اسين آھيون پھتا.

author

نئين ٽهيءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده شاعر حسن درس جو جنم، 5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مشائخ هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ ٿيو. حسن درس جا وڏا اصل ۾...

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

جوانيءَ جي جر تي اسين آھيون پھتا، وري تنھنجي در تي اسين آھيون پھتا.

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait