تون جي ايندين رات، الا او رات

تون جي ايندين رات، الا او رات،
تہ منھنجي رات اَمر ٿي ويندي.!

تون جي ايندين ميت، تہ ھي سنگيت اَمر ٿي ويندي،
مون ٻاري جا جوت، انھيءَ جي جيت اَمر ٿي ويندي؛
پر جي کاڌم مات،الا او مات،
تہ منھنجي ماتِ اَمر ٿي ويندي.!

تون جي ايندين ڍول، تہ ٻَھ ٻَھ ٻُرندا منھنجا ٻول،
جھرَ جھرَ جَرڪي پوندا جن ۾ منھنجا روح رتول:
وائي آئي وات، الا او وات،
تہ منھنجي لاتِ اَمر ٿي ويندي.!

تن من تنھنجي ڀيٽ، نڇاور توتي منھنجا راڳ،
مان آھيان تنھنجي آھوتي، تون آن منھنجي آڳ؛
توکي ڏسندي ڏات، الا او ڏات،
تہ منھنجي ڏات اَمر ٿي ويندي.!

تون جي ايندين رات، الا او رات،
تہ منھنجي رات اَمر ٿي ويندي.!

author

شيخ مبارڪ اياز سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو وطن دوست عوامي ۽ قومي شاعر، ترقي پسند اديب، ھڪ مشھور وڪيل ۽ سنڌي ٻوليءَ جو دانشور ٿي گذريو آھي. سنڌ جي ھن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي ھو، پر...

ٽِڪليُون

ھِن گيت بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait