چڙھيل آھي چؤطرف، زنجيرن تي زنگ

چڙھيل آھي چؤطرف، زنجيرن تي زنگ،
جسو جڪڙيل جبر ۾، ايذايل امنگ،
ديوارن مان دانھن ٿي، چوريو جو مان چنگ،
رچي ويو رنگ، قيدي ڪوڪارڻ لڳا.

author

شيخ مبارڪ اياز سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو وطن دوست عوامي ۽ قومي شاعر، ترقي پسند اديب، ھڪ مشھور وڪيل ۽ سنڌي ٻوليءَ جو دانشور ٿي گذريو آھي. سنڌ جي ھن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي ھو، پر...

ھِن بيت بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait