گهڻو پسند ڪيل شعر

چرين جيئن چِت ڪري، سَڱ سڀئي ڇنُ،
جي ڀائين پِريِن مِڙان تہ مَت منھنجي ڳِنُ.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

پريان سندي ڳالهڙي جيڪو ٻي ڪري،
مت منھنجي ڪن ڪري، تنھن کي جابُ مَ ڏي.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

وائي ٻِي مَ ڀُلُ، مِرُوئان مُران پَکَڻان،
بِا اللہِ سَندو سَڄَڻين، ھُو ھُلا چو ھُلُ.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

مَتيون ميڙي کانءِ، واچا کجي وِچ پَئہُ،
جو تو سائِرُ ڀانئِيو، سو ھُر ٻُوئي ناھہ.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

کُڏيون ۽ کِروٿون، اي پڻ سَڳر ٿوڪَ،
ھِنيون ڏِجي حبيبَ کي، لِڱ گڏجنِ لوڪَ،

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

وِهاڻيءَ ئي وَڃ، تو نہ سرندو تن ري،
تا سا وڃي ڀَڃ، پئي جا ڪاڻ پرين سين.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

اِٿي چَلُ چَرين جيئن، سَڱ سڀئي ڇِنُ،
جي ڀانئين پرين مڙان، تہ مت منھنجي ڳنُ.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

جي جاڳَندي مَنَ ۾، سُتي پڻ سيئي،
مَنُ پِريان نيئي، پَڳھيو پاڻَ ڳَري.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

پاڻيِاري سَڀَڪا جا سِر گَهڙو ڌري،
ڪا لَئہ سندي سڄڻين، ڪا پورھئي ڪاڻ ڀري.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

وَرَ وِسرِي تہ ڪوهُ، پروَرُ نہ ِوسرئوس،
ڪو نہ چوندو ڪڏھين، تہ اڱڻ اونداهوس.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

ڳوڙهن جي درياءَ ۾ ڪو نيل ٻڏي ويو آ
دل ائين نہ رني آھي ڪو گهاءُ لڳي ويو آ

حليم سيتائي

مرنداسي تہ مٽيءَ سان پنھنجي، ملندو ھي مانڊاڻ،
ڪتيون اسان جي ڪڇ ۾ ھونديون، چنڊ اسان سان ساڻ.

شيخ اياز

مرنداسي تہ مٽيءَ جو پنھنجي، ويندو دور غبار،
چنڊ ڦري چوڌار چميندو پيو اسان جو پيار.

شيخ اياز

مرنداسي تہ مٽيءَ تي پنھنجي، چنڊ ڪندو چانڊاڻ،
ساھہ اسان جي سانڀِي جا، سا سونھن ڪندي سرھاڻ.

شيخ اياز