گهڻو پسند ڪيل شعر

عشق جو يارو درازن ۾ عجب اسرار ھو،
مست مالڪ سو سَچُو، عارف اُني اظھار ھو.

سچل سرمست

جوڳي جاڳايوس، ستو ھوس ننڍ ۾،
تهان پوء ٿيوس، سندي پريان پيچري.

قاضي قادن

سيئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻ لئھ،
اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.

قاضي قادن

ڪنز قدوري قافيہ، ڪو ڪو نہ پڙهيوم،
سو پار ئي ٻيو، جئان پرين لڌوم.

قاضي قادن

اسين ٻانهان تون ڌڻي، پاڻو پاڻ هِي ڄاڻُ
مَنڊي تُر مِيزاڻ، ليکو ڪندين ڪَنِ سين.

قاضي قادن

اَنان ئِي ٻَنا ڪَرِين، ٻَنا اَن منجهاوَ
راڄُ تُنهنجو راڄِيا، ٻيا راوَ ئِي راوَ.

قاضي قادن

جي گهُر گهَڙِي نہ ڪِينِ، سائين تو ديدار کي
ڪيهِي حُجَ ڪَرينِ، سيئِي پنھنجي رَب ڏانہ.

قاضي قادن

ڏِنَئِين پاڻَ واکاڻَ کي، ڄِڀِ تُنهنجي واتِ
بندا خالق نہ گهُرين، ڪَريَن پرائي تاتِ

قاضي قادن

آھر اَلاھان، ڪو مَ لاھيو ڪَڏِھين،
ويا ڪاڄَ هَٿان، وَڌَ آڻيندو وڏو ڌڻي.

قاضي قادن

تون چَئُہ اللهُ هيڪَڙو، وائي ٻِي مَ وارِ،
سوئِي ڏِيو ٻارِ، جو نہ اُجهامي ڪَڏِهين.

قاضي قادن

تون چَئُہ الله هيڪَڙو، وائي ٻِي مَ سِکُ
سَچو اکرُ مَنَ ۾، سوئي لِکيو لِکُ.

قاضي قادن

وائي ٻي مَ ڀُلُ، مِرُوئان مُووران پَکَڻان
بِاللهِ سَندو سَڄَڻين، هُو هُلاچو هُلُ.

قاضي قادن

تون چوءَ الله ھيڪڙو، وائي ٻي مَ سک،
سچو اکر من ۾، سوئي لکئو لک.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

ڌڪين ڌات پئو، ھيئنڙو لوہ سنداڻ جيئن،
سنڀاري کي سڄڻين، وِرڄي تان نہ وئو.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو