ڄَم جو نالو |
عبدالواھاب فاروقي |
تخلص |
سچو، سچي ڏنو |
جنم |
خميس، 01 جنوري 1739 |
ڄَم جو ھنڌ: |
خيرپور ميرس |
لاڏاڻو |
خميس، 14 اپريل 1825 |
لاڏاڻي جو ھنڌ |
خيرپور ميرس |
سچل سرمست اصل نالو " عبدالوھاب "، سنڌ جا جڳ مشھور سنڌي شاعر ۽ صوفي بزرگ ھئا. سچل سرمست جي پيدائش 1739ع ۾ اڳوڻي خيرپور رياست جي ننڍي ڳوٺ درازا ۾ ھڪ مذھبي گهراڻي ۾ ٿي. ان جو اصل نالو تہ عبدالوھاب ھيو، پر سندس صاف گوئي کي ڏسي ڪري ماڻهو کيس سچل يعنی سچ ڳالهائڻ وارو چوڻ لڳا، پوءِ ان جي شاعري جا شعلا ڏسي ڪري کين سرمست بہ چيو ويو. سندس والد جو نالو ميان صلاح الدين ۽ ڏاڏي جو نالو صاحب ڏنو ھو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس تخلص سچل، سچو ۽ سچي ڏنو آھي ۽ فارسيءَ ۾ آشڪارا آھي. سندس نسب جو سلسلو حضرت عمر رضي الله عنه سان ملي ٿو. ھن سنڌي کان علاوہ عربي، سرائيڪي ،پنجابي، اردو، فارسي ۽ بلوچي ٻولين ۾ پڻ شاعري ڪئي جنھن سبب کيس شاعر ھفت زبان سڏيندا هئا. سچل جي سموري زندگي جذب ۽ جلال ۾ گذري. سندس حياتيءَ ۾ درگاھ تي سماع ٿيندو ھو. سچل سرمست کي پنھنجي دور جو منصور ثاني سڏيو ويو آھي.