گهڻو پسند ڪيل شعر

ناھي ڪوئي ڳائڻا، ڳائڻ جھڙو ڳڻ،
سائين، مون کي سڻ، ڌمندو رھہ تون ڌن ۾.

شيخ اياز

اڄ تہ ازل جي اڃ، مٽجي ويئي من مان،
سامهون ساري سڃ، وسي وئي وڻڪار سان.

شيخ اياز

ڄڻ ازل جي آڳ، جلي پيئي جيءَ ۾،
مرڪي پيو ماڳ، شعلن جي شعاع ۾.

شيخ اياز

پرھہ جو پرواز، ڪيو ساھہ سڄڻ ڏي،
ڪل رمزون ۽ راز، کلي پيا کن ۾.

شيخ اياز

اچي ٿو آواز، پرينءَ جي پيرن جو،
ڪو روحاني راز، سري پيو سانت ۾.

شيخ اياز

پرينءَ سندي پيچري، پيو آھيان پنڌ،
ھيئون، انھيءَ ھنڌ، پھتو پيرن کان اڳي.

شيخ اياز

چمڪي وڄ وجود ۾، ڏٺم پرينءَ جا پير،
اوندھ ۽ اوير، منجھايو ھو ماڳ کي.

شيخ اياز

کلي ڪير کنوڻ، چمڪائي ويو چِت ۾،
صدين لاءِ سڄڻ، ٿيو سيني ۾ سوجهرو.

شيخ اياز

سدائين سوداءُ، سانڍيم تنھنجو سمجھہ ۾،
او اڻ ڄاتل آءُ، ڄاڻو منھنجي ڄاڻ جا.

شيخ اياز

آھيان راڳيندڙ، ڪنھن روحاني راز جو،
ڪيو سر سگهڙ، روح رچي ويو رمز ۾.

شيخ اياز

ستارن سان رات، چوريم ڳالهيون چنڊ جون،
ملندي ڪئين نجات، سونھون ناھيان سونھن جو.

شيخ اياز

موڙي ڪيو ميڻ مون، پھڻن جھڙو پاڻ،
سڄڻ اڄ تو ساڻ، اوڙھي آيس عاجزي.

شيخ اياز

پڃري تي پاڇا پيا، چمڪي ٿي چوڏس،
پکيئڙا پر وس، ڦٿڪڻ لڳا قيد ۾.

شيخ اياز

پڃري ۾ پيھي، آئي بوءِ بسنت جي،
پکي پرڏيھي، پرڙا پتوڙڻ لڳا.

شيخ اياز