ڄَم جو نالو |
سيد احمد شاھ |
جنم |
خميس، 16 جنوري 1930 |
ڄَم جو ھنڌ: |
حيدرآباد |
لاڏاڻو |
اربع، 09 سيپٽمبر 1992 |
لاڏاڻي جو ھنڌ |
ڪراچي |
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر احمد شاھ '>سيد احمد شاھ ”استاد بخاري“ ولد سيد حاجن شاھ، 16 جنوري 1930ع تي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ ڄائو. 1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري، 1947ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1967ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر جي عھدي تان رٽائر ڪيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بھترين ۽ جديد سنڌي شاعرن ۾ پهرينءَ صف جو شاعر ھو. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آھن، جيڪي هيٺيان آهن: ’گيت اسان جا جيت اسان جي‘ (1971ع)، ’هي گيت گلابي ٻارن جا‘ (1980ع)، ’اوتون جوتون‘ (1985ع)، ’ڪوڪڻ يا ڪلياڻ‘ (1986ع)، ’سوچون، ڀڻڪا، واڪا‘ (1990ع)، ’لهر لھر دريا‘ (1990ع)، ’ڪاري ڪڪر هيٺ‘ (1991ع)، ’ڌرتي سرتي‘ (1991ع)، ’زندگي زندگي‘ (1992ع)، ’نه ڪم نبريو نہ غم نبريو‘ (1993ع)، ’جستجو لاتقنطو‘ (1993ع)، ’ماندي ٿيءُ نہ مارئي‘(1994ع)، ’ولولو ۽ ووڪ‘ (1994ع)، ’ميلا ملهالا‘ (1996ع)، ’وطن ۽ ويساهه‘ (1997ع)، ’گلدستي ۾ گيت‘ (2007ع)، ’بخاريءَ جا قطعا‘ (2008ع)، پير نہ هٽن پوئتي‘ (2007ع)، ’ڌوڙ دل تي درد جي‘ (2007ع)، گهڙيا سي چڙهيا‘ (2007ع)، ’هي گجرا ھي گولا‘ (1997ع)، ’هڙئي ھيج وطن جا‘ (1998ع)، ’لهري لھري ۾ لالاڻ‘ (1998ع)، ’ڳائي پيو جاڳائي پيو‘ (1999ع) ۽ ’تڙ تيڏيان ڳالهيان'>تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان‘ (سرائڪي شاعري- 2001ع). استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي لغت ”اکر اکر آرسي“ عنوان سان عزيز ڪنگراڻيءَ تيار ڪئي آھي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽي اٿارٽيءَ 2009ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آھي. سنڌي زبان جو هيءُ ٻھڳڻو شاعر آخري عمر ۾ ڪئنسر جي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ انهيءَ مرض سبب 9 آڪٽوبر 1992ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ وفات ڪيائين. 10 آڪٽوبر 1992ع تي دادوءَ ۾ دفن ٿيو. سندس شخصيت ۽ فن تي تاج جويي جو ”قوم چوي ٿي ٻول“ نالي ڪتاب سنڌي ساھت گهر، حيدرآباد پاران 1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس زندگيءَ ۽ فن تي ٻيو اھم ڪتاب نوجوان اديب علي دوست عاجز ”آديسي استاد“ نالي لکيو آھي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران سال 2005ع ۾ ڇپيو آھي. ان کان سواءِ استاد بخاريءَ جي نثري لکڻين، انٽرويوئن، مھاڳ وغيرہ تي مشتمل ڪتاب آزاد انور ڪانڌڙي ترتيب ڏئي ”سمي دريا، سمي صحرا“ عنوان سان ڪويتا پبليڪيشن پاران 2007ع ۾ ڇپايو آھي. استاد بخاريءَ جا ڪلام جهر جهنگ فنڪار ڳائين ٿا ۽ سنڌ جو بيحد مقبول شاعر آھي.