ڄَم جو نالو |
محمد اسحاق |
جنم |
اڱارو، 18 مارچ 1975 |
ڄَم جو ھنڌ: |
دادو |
سنڌي ٻوليءَ جو نامور محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر اسحاق سميجو 18 مارچ 1975ع تي ضلعي دادو جي ڳوٺ فضل پور ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪيائين، ۽ ساڳي ئي يونيوسٽيءَ مان 2014ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌي شعبي ۾ پھرين ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ھن وقت اتي پروفيسر طور پڙھائي رھيو آھي. پاڻ مرزا قليچ بيگ چيئر جو ڊائريڪٽر، سنڌي شعبي جو چيئرمئن ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر پڻ رھي چڪو آھي ۽ ھن وقت سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو چيئرمئن آھي.
ڊاڪٽر اسحاق سميجي شاعريءَ جي شروعات 1990 کان ڪئي، سندس شعري مجموعن ۾ ’صدا بيچين آھي‘ (2001) ، ’گناھ جا گيت‘ (2006), ’مور نگر تي مينھن‘(2020) ۽ ’ٻئي طرف قبيلو ھو‘(2023) شامل آھن.
اسحاق سميجي جي شاعريءَ ۾، جديد شھري زندگيءَ جا مسئلا ۽ الميا ملن ٿا. ھن جي شاعريءَ ۾ جدت پسندي، رومانويت، لوڪ رومانوي ۽ افسانوي عنصرن سان گڏوگڏ ماحول دوستي پڻ شامل آھي. سندس شعرن ۾ تخيل ۽ تصور جا ڪيئي دلڪش نمونا موجود آھن. سندس ڪيترا ئي شعر ۽ غزل مقبول آھي.