ڄَم جو نالو |
اياز علي دَل |
تخلص |
اياز، گل |
جنم |
جمعو، 06 مارچ 1959 |
ڄَم جو ھنڌ: |
سکر |
پنھنجي ھمعصر شاعرن ۾ نمائنده شاعر، جنھن جو پورو نالو اياز علي ولد رجب علي دل آھي، هُن سکر شھر ۾ 6 مارچ 1959ع تي جنم ورتو، کيس ننڍپڻ کان ئي علم ادب سان لڳاءُ رھيو، ادبي دنيا ۾ اياز گل جي نالي سان مشھور آھي. ھن 1980ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1981ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪري بعد ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ ورتي. شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان سنڌيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر طور رٽائر ٿيو. ھو سچل چيئر جو ڊائريڪٽر پڻ رھيو. اياز گل نوجوانن ۾ مقبول شاعر آھي، ھن 1971ع کان شاگردي واري دور ۾ شاعري جو آغاز ڪيو، سندس پھريون شعر 1973ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”اديُون“ رسالي ۾ شايع ٿيو. ھيل تائين ٻين ڪتابن کان علاوہ سندس6 شعري مجموعا ڇپجي چڪا آھن. ٻاراڻي ادب ۾ پڻ اياز گل جو نالو نمايان رھيو آھي. هُو سٺو فوٽوگرافر پڻ آھي، موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي اٿس. سندس گهر ۾ آڊيو، وڊيو ڪئسيٽن ۽ تصويرن جي لائبريري آھي. اياز گل 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ميمبر سينڊيڪيٽ، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ، ميمبر بورڊ آف گورنرس، تعليمي بورڊ، سکر ، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سيڪريٽري ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي)، شاھ عبداللطيف، يونيورسٽي، ميمبر صلاحڪاري بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، انچارج ’تنوير عباسي‘ چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ميمبر بيدل يادگار ڪاميٽي، روھڙي / سکر.، جنرل سيڪريٽري سکر هسٽاريڪل، سوسائٽي. سنڌ. اياز گل ڪجهه عرصو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سچل چيئر ۾ بہ ڪم ڪيو. سنڌي شعبي، شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي مخزن ”ڀٽائي“ جو ايڊيٽر ۽ معاون بہ رھيو آھي. سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وڌائين. هُن جا غزل، وايون ۽ گيت عابده پروين، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ، برڪت ڀٽ، ثمينہ ڪنول، شازيہ خشڪ ۽ رحمت ميرالي سميت سنڌ جي مشھور فنڪارن ڳائي داد ماڻيو. اياز گل پنھنجي شريڪ حيات، ’مستور بخاري‘ ۽ پٽ ’پرين ايا‘ سان گڏ سکر ۾ رھائش پذير آھي. مستور بخاري، پاڻ ليکڪا ۽ آرڪيالاجي شعبي سان لاڳاپيل آھي. سندس ڇپيل يا سھيڙيل ڪتابن ۾ ھيٺيان شامل آھن • سوچون سرھا گل (تاج جويي سان گڏ شاعري) 1978ع • گل ۽ تارا (ٻارن لاءِ شاعري) 1979ع • پِيلا گل پلاند ۾ (غزل) 1980ع • ڏينھن ڏٺي جا سپنا (شاعري) 1988 • توبن ڪهڙا ڇانورا (شاعري) 1992ع • دک جي نہ پڄاڻي آ (شاعري) 1997ع • سکر جون يادگيريون (سهيڙيل) 2001ع • پوان شل قبول (تنوير عباسي ءَ تي مقالن جي ترتيب) 2006ع • روشن آ سانجهي (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب) 2008ع • مسٽسزم سنڌ اينڊ سچل سرمست، مرتب، 2011ع • ميلي جي تنھائي (شاعري) 2012ع • پنھنجو هيءُ اسڪول (ٻارن لاءِ) 2018ع • خلقڻھار (ٻارن لاءِ) 2018ع • راند روند (ٻارن لاءِ) 2018ع • زنگ لڳل زندگي • رنگن واري دنيا اياز گُل کي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ، شيلڊون ۽ ميڊل پڻ مليا آھن. گولڊ ميڊل (ايم. اي، سنڌي ادب ۾ پھرين پوزيشن تي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان) 1980ع، -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- جي طرفان اوارڊ (ڪتاب ’سوچون سرھا گل‘ تي) 1978ع، ينگ رائيٽرس گلڊ اوارڊ (ڪتاب ’گل ۽ تارا‘ تي) 1979ع، سِگا طرفان گولڊ ميڊل (ڪتاب. ’ڏينهن ڏٺي جا سپنا‘ تي) 1992ع، -استاد بخاري- سنگت اوارڊ (ڪتاب: ’توبن ڪهڙا ڇانورا‘ تي) 1992ع، اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان شاھ لطيف اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نہ پڄاڻيءَ‘ تي)1997ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نہ پڄاڻيءَ‘ تي) 1997ع، سچل سرمست اوارڊ (سچل يادگار ڪاميٽي طرفان) 1997ع ۽ 2000ع، تيرھون اسٽار اوارڊ (سائوٿ ايشيا پبليڪيشن طرفان) 2003ع، پي. ٽي. وي طرفان (بهترين شاعر جو اوارڊ) 2000ع ۽ 2001ع، ’شيخ -اياز-‘ شيلڊ (حسن ڪاڪردگيءَ تي) 2002ع. ۽ ٻيون شيلڊون.