اياز گُل

1959 سکر

0

پسنديدگيون

شعر

تو دَرِ ڪيئن اچڻ جي، هينئڙي وِجهان هيرَ،
منهنجا ميرا پيرَ، اڱڻُ تنھنجو اُجرو.
جيءَ اسان جا جڪڙيلَ، جيئڻُ مرڻ گڏُ،
سڄڻُ منهنجو سڏُ، آءُ پڙاڏو اُن جو.
نئون ڪو عاشقُ پيارَ کي، لِڪائي ٿو جيئن،
اسان توکي تيئن، سوگهو ڪيو ساھ ۾.
آءُ پرينءَ جي وارن سان، گَسِي ڏکڻَ، گهُل!
نئون ٿئي ڪو هُل، ھيل وري هٻڪارَ جو.
ھلي پرين هيجَ مان، جيءَ جيءَ وڄن جهانجهَہ،
سانوري جيئن سانجهَہ، موهي وجهي مَنَ کي.

گيت

حمد

بيت

نالي وارا شاعر

احمد خان مدھوش

حليم باغي

سنڌ جو نالي وارو مزاحمتي شاعر

ساجد سومرو

قومي ۽ انقلابي شاعر

سردار شاھ

امداد حسيني

اسحاق سميجو

جدت پسند شاعر

پير اعجاز

صوفي شاعر ۽ ڪلاسيڪل شاعر

شيخ اياز

انقلابي ۽ رومانوي شاعر

حسن درس

تصوراتي شاعر

آڪاش انصاري

انقلابي شاعر