ڄَم جو نالو |
معشوق علي گوپانگ |
تخلص |
آڪاش |
جنم |
اڱارو، 15 اپريل 1975 |
ڄَم جو ھنڌ: |
لاڙڪاڻو |
علي آڪاش سنڌي ٻولي جو جديد شاعر ۽ نقاد آھي جنھن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن.
علي آڪاش جو ڇٺيءَ جو نالو صاحب خان گوپانگ آھي پر سندس ڏاڏِيءَ لاڏ ڪوڏ منجهان کيس معشوق علي گوپانگ سڏيندي هئي جيڪو ھاڻ رڪارڊ موجب سندس اصل نالو آھي. ھن 15 اپريل 1975ع تي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ھاڻ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي شھر قمبر جي گوپانگ محلي ۾ اوستي جان محمد گوپانگ ۽ ممتاز خاتون جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ کيس ڪرڪيٽ راند کيڏڻ جو وڏو شوق ھو ۽ ان راند ۾ پاڻ مڃايائين.
علي آڪاش پرائيمري کان ڪاليج سطح تائين تعليم قمبر شھر مان حاصل ڪئي. ڪجهہ وقت ڪراچي ۾ بہ پڙهيو. پر ڪن مجبورين سبب ڪراچي ڇڏي آيو. بعد ۾ ھن ايم اي اردو ادب ۾ 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي. علي آڪاش 2007ع ۾ ايم اي سوشيالوجي ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور منجهان پاس ڪئي.
علي آڪاش جڏھن پرائمري ۾ پڙهندو ھو تہ شاعري جي شروعات ڪيائين. ھن گهرائي سان ادبي مطالعو ۽ ذاتي مشاھدو ڪيو جنھن جي آڌار تي ٻوليءَ جو تخليقي سطح تي استعمال ڪندي شاعري سرجڻ لڳو. گڏوگڏ تنقيدي مضمون پڻ لکڻ شروع ڪيائين. سندس شاعري ۽ مضمون مڃيل ۽ معياري رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. ھن جاکوڙ ۽ جھد مسلسل کان ڪم وٺندي ٿوري عرصي ۾ ادبي حلقن ۾ جديد شاعر طور پاڻ مڃائي ورتو آهي.علي آڪاش جو ڪتاب درويش جي تنھائي ھڪ بھترين ڪتابن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. جديد سنڌي ادب ۾ علي آڪاش جو نالو اوپرو ناهي. سندس مضمونن جو ڪتاب ”نئين ڪويتا جو بحث“ بہ بھترين ڪتاب آھي پر ڪتاب درويش جي تنھائي اھم آھي. ھن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي علي آڪاش جي ڪتاب جي نالي وارو مڪمل غزل لکيل آھي