ڄَم جو نالو |
احمد خان سومرو |
تخلص |
مدھوش |
جنم |
آچر، 05 اپريل 1931 |
ڄَم جو ھنڌ: |
دادو |
لاڏاڻو |
سومر، 26 جولاءِ 2010 |
لاڏاڻي جو ھنڌ |
دادو |
ناميارو شاعر احمد خان ولد حاجي خان (حاجي فقير شغلي) ذات سومرو دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڳوٺ سلطان چانڊيي ۾ ڄائو، 1932ع ۾ سندس خاندان ’جوهي‘ شھر ۾ اچي آباد ٿيو. 1949ع ۾ سنڌي فائنل، 1957ع ۾ انٽر ۽ 1965ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪيائين. ڳپل عرصو جوهيءَ ۾ استاد ٿي رھيو. سيد نجف علي شاھ سندس ھم عصر شاعر ھو. ھن شاعريءَ جي سکيا فيض بخشاپوريءَ کان ورتي. . احمد خان اڳتي ھلي شاعريءَ ۾ پنھنجو تخلص ”مدهوش“ رکيو، پاڻ سنڌ جو ڪهنہ مشق سڄاڻ ۽ ناميارو شاعر ھو. پاڻ استاد جھڙي مقدس پيشي سان لاڳاپيل ھو. شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائيڪيائين، سندس ڪلام اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيندو رھي ٿو. سندس شاعري مختلف راڳين جي آواز ۾ ريڊيو تان پڻ نشر ٿيندي رهندي آھي.