ڄَم جو نالو |
الله بخش انصاري |
تخلص |
آڪاش |
جنم |
اڱارو، 25 ڊسمبر 1956 |
ڄَم جو ھنڌ: |
بدين |
الهه بخش ”آڪاش“ انصاري، 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين لڳ ڳوٺ ’ابل جي وسيءَ‘ ۾ ڄائو. شروعاتي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’ڪيئن رهان جلاوطن‘ چار ڀيرا ڇپجي ادبي حلقن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چُڪو آهي. سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”اڌورا اڌورا“ عنوان سان گلشن پبليڪيشن حيدرآباد ڇپايو آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانويت سان گڏ مزاحمت جو رنگ نمايان آهي، خاص طور تي سندس نظم، نوجوانن ۾ انتهائي مقبول آهن. پاڻ صحافت وارو پيشو پڻ اختيار ڪيائين. روزاني ’سوال‘ اخبار جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهي. ان جي بند ٿيڻ کان پوءِ هن وقت بدين ۾ ڊاڪٽري ڪرڻ سان گڏ هڪ NGO سان لاڳاپيل آهي. شاهه لطيف تي چڱي ڄاڻ رکي ٿو ۽ علمي ادبي ميڙ ڪرائڻ جو شوقين آهي.