پريمون پير تنھنجا

پريمون پير تنھنجا مان،
اکين سان ٿو چُمڻ چاھيان،
دراوڙ ديس منھنجي جا،
توتي سنڌڙي سلامي آ،
ڀرم ان ڀونءَ جو جاني،
رکيو تو راز ڪھڙي سان،
منھنجي محبوب مَسڪُن جو،
اھو اعزاز ڪھڙو آ؟
پُڇڻ توکان ٿو چاھيان،
تنھنجي غيرت ڏسي دلبر،
سموري سنڌ اُٿلي آ،
ٻڌائي سنڌ جا شاعر،
پَڙي ۽ پولڪي وارا،
اُھي شاعر ستل آھن،
انھن کي ڪيئن جاڳايان،
پريمون پير تنھنجا مان،
اکين ٿو چمڻ چاھيان.

author

الهه بخش ”آڪاش“ انصاري، 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين لڳ ڳوٺ ’ابل جي وسيءَ‘ ۾ ڄائو. شروعاتي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو...

ٽِڪليُون

ھِن نظم بابت

ھي شاعري پريمو ڪولھي تي لکي وئي آھي، جنھن شاھنواز ڪنڀر جي قتل ٿيڻ کانپوءِ وڳوڙين طرفان لاش کي ساڙڻ کان بچايو.

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait