پيار جون ڳالھڙيون نم جي ڇانءُ ۾
- پيار جون ڳالھڙيون نم جي ڇانءُ ۾: سلمان جاکرو جي پنهنجي آواز ۾
پيار
جون
ڳالھڙيون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
ڪي
گذاريون
گهڙيون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
رات
جو
چنڊ
سان
چاهتون
چلوَلن،
ڏور
آڪاس
۾
محبتون
ماپجن،
ڏينھن
جو
کيٽ
۾،
سنگ
سونا
ڪجن،
سنڌ
۽
سونھن
سان
سالڙا
گهارجن،
بس
ھجن
روشنيون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
ڪي
گذاريون
گهڙيون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
ناز
سان
نازنيون،
نازڪيون
ناز
ڪن،
سورما
سنڌ
جا
سي
جَتي
سان
سونھن،
ٻار
جَي
ٻاتڙيون،
ٻوليون
ٿا
ٻُرن،
۽
ننڍيون
نينگريون
جي
نوان
ويس
ڪن،
شل
رھن
مُرڪنديون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
ڪي
گذاريون
گهڙيون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
ماڪ
۾
مهڪندا
کيٽ
کِلندا
رھن،
باک
۾
مُرڪندا،
ڍول
پيا
گاھ
ڪن،
ھي
مکڻ،
ھي
لسيون،
کير
ڌونئرا
ھجن،
ساڳ
۽
ھي
پلا،
پيا
سدائين
پچن،
داڳ
جون
خوشبيون،
نم
جي
ڇانءُ
۾،
ڪي
گذاريون
گهڙيون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
رت
جي
راند
ھر
دور
۾
آ
رچي،
۽
لٽيرن
ھتي،
حق
جي
ھاڪ
ھنئين،
ڀل
مياڻي
ھجي،
يا
تہ
مڪلي
ھجي،
خون
۾
لال
ٿي
آھي
ڌرتي
سڄي،
رت
ٿيون
اجرڪون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
ڪيئن
گذاريون
گهڙيون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
اڄ
موھن
جو
دڙو،
لُڪ
۾
پيو
ٻَري،
سنڌ
جو
ماڻهپو
ڌوڙ
۾
پيو
سڙي،
ڄڻ
تہ
تاريخ
آ،
ڪو
ڪفن
ويڙهيو،
لاش
سنڌوءَ
۾،
پيو
ٻُڏي
پيو
تَري،
بس
رڳو
تُربتون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
ڪيئن
گذاريون
گهڙيون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
سنڌ
سان
سُک
جي،
ساٿ
جو
سلسلو،
۽
وري
درد
جي
رات
جو
سلسلو،
تنھن
پڄاڻا
وري،
باک
جو
سلسلو،
آھي
سلمان
ھڪ،
سوچ
جو
سلسلو،
سوچ
سان
جوڙيون،
نم
جي
ڇانءُ
۾،
پوءِ
گذاريون
گهڙيون
نم
جي
ڇانءُ
۾،
ٽيڪا ٽپڻي
ھيستائين ڪوبہ تبصرو ناھي ڪيل پنھنجِي راءِ ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو