نوان مقتل نيون سُوريون
نوان
مقتل
نيون
سُوريون،
نوان
منصور
ميدان
۾،
ڪَنبن
پيا
ڪوٽ
ڪانئر
جا،
ڏِسي
ڪي
مرد
زندان
۾.
مَٽن
جا
کول
مُنھن
موکي،
متارا
موج
۾
آھن،
اڏيءَ
تي
سِر
رکي
آيا،
مڙي
ميخوار
ميدا
ميخان
۾.
قبولي
ڪنڌ
جي
آيا،
ڪندو
ڇا
تن
ڪڙو
قاتل،
ڊيڄارين
موتَ
جنھن
کان
سو،
اسان
جو
ناھ
امڪان
۾.
ھنن
جي
ھاڪ
ھر
ھنڌ
آ،
اُھي
سرواڻ
سنڌوءَ
جا،
ھنن
رُخ
موڙيا
ڪيئي،
تہ
تقديرن
جا
طوفان
۾.
تنھنجا
زنجير
اي
ظالم،
ڀڄي
سڀ
ڀور
ٿي
ويندا،
نہ
“منشي”
رات
ھي
رھندي،
ٿا
ڏسجن
گھوٽ
گهمسان
۾.
ابراھيم منشي، 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنھاڻ سومري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ابراھيم منشي اڃان چوٿون درجو سنڌي مس پڙھيو تہ مارچ 1945ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. گھر جي اٺن نون ڀاتين جو...
ٽيڪا ٽپڻي
ھيستائين ڪوبہ تبصرو ناھي ڪيل پنھنجِي راءِ ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو