ماڻ جيون جواني ھتي ۽ ھيئنر

ماڻ جيون جواني ھتي ۽ ھينئر،
جيڪي آھي سو جاني ھتي ۽ ھينئر.

ڪو پتو ناهي ساجن سڀاڻي صحي،
ڪيڏي توڏي ٿي دل تيز تاڻي پئي،
مون تي ڪر مھرباني ھتي ۽ ھينئر.

موت کان پوءِ ماتم نہ مچرائجان،
پاڻ ڪارا لٽا تون نہ پھرائجان،
نينھن جي ڏي نشاني ھتي ۽ ھينئر.

پاڻ کان پوءِ اُڀري نہ اُڀري پرين،
خير گهر خير سان شال گذري پرين،
ھيءَ ذري زندگاني ھتي ۽ ھينئر.

مون مَقامن مَساڻن ۾ ڳولي ڏٺو،
ڌوڙ ئي ڌوڙ ھُئي ڪو بہ سھڻو نہ ھو،
حُسن جي حڪمراني ھتي ۽ ھينئر.

آءُ ھڪ ٻئي کي خوش ٿي کٿوري ھڻون،
سونھن سڪ جي ڪھاڻي بخاري پڙھون،
زندگيءَ جي زباني ھتي ۽ ھينئر.

author

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر احمد شاھ '>سيد احمد شاھ ”استاد بخاري“ ولد سيد حاجن شاھ، 16 جنوري 1930ع تي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ ڄائو. 1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري، 1947ع ۾ تعليم کاتي...

ٽِڪليُون

ھِن نظم بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait