گهر جي گندي

گهر جي گندي
ھو جهونو ھاري
جاٽ پڄائي،
جوڙو روڪي،
واٽر مان پاڻيءَ ڍڪ ڏوڪي،
اڌ اجھاڻل
ٻيھر ٻاري، ستو ڪو سگريٽ،
چپن ۾ ڀڻڪي ٿو،
”ڪين چڱو ٿيو چيٽ“
”لڳي ٿو! ھيل بہ رھيو ليٽ“

مٿان ھر سال،
نَون مھينن تائين،
”ڀاڳل کائي ٿي ميٽ!
لڳي ٿو ھيل بہ رھبو ليٽ.

۽ گهر جي گُندي،
سنڍ سدائين،
ڪين ڪري ٿي پيٽ،
لڳي ٿو ھيل بہ رھبو ليٽ.

author

الهه بخش ”آڪاش“ انصاري، 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين لڳ ڳوٺ ’ابل جي وسيءَ‘ ۾ ڄائو. شروعاتي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو...

ٽِڪليُون

ھِن نظم بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait