اسانجي روح جا راڻا

آيل ڙي اولاڻا، محمد مصطفى سائين
اسانجي روح جار راڻا، محمد مصطفى سائين

ٿئي آباد ھيءَ سنڌڙي، اسانجي جان ۽ جندڙي
وسن ڀاڳين سندا ڀاڻا، محمد مصطفى سائين

اگھائج عرض تون آري، قبولج قرب پنھنجي مان
دُعا جا ھي ٻہ ٽي داڻا، محمد مصطفى سائين

رڳو نالو مٺو تنھنجو، ”حسن“ وٺندو رھي ھر ھر
ٻيو ڪجهہ ڪونہ ٿو ڄاڻا، محمد مصطفى سائين

author

نئين ٽهيءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده شاعر حسن درس جو جنم، 5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مشائخ هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ ٿيو. حسن درس جا وڏا اصل ۾...

ھِن نعت بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait