دل اسان جي آھي عجب ھي

سوا يار ٻيو نہ ڪجھہ چاھي عجب ھي،
دل اسان جي آھي عجب ھي، دل اسان جي آھي.

گلمان ۽ جنت، حورون، ٻيو کير ۽ ماکي نھرون،
پر ڪانہ مڃئين منھنجي ھڪڙي بس،
سڀ ٺاھہ ڇڏيائين ٺڪرائي عجب ھي،
دل اسان جي آھي عجب ھي، دل اسان جي آھي.

سڀ ورد وضيفا وساري، لڳي لالڻ جي آ لاري،
ھِت ھُت منھنجو تون ئي تون آن،
اھو ورد ويٺي ورجائي عجب ھي،
دل اسان جي آھي عجب ھي، دل اسان جي آھي.

توڙي مھڻا ملامت طعنا ڪري ڳلھہ ڳچي جا ڳانا،
طبل تنبورا، ڇيرون ڇم ڇم،
ڪين نہ ڪڏھن شرمائي عجب ھي،
دل اسان جي آھي عجب ھي، دل اسان جي آھي.

ھڪ حسن شاھن شاھي، ٻيو بي خود بي پرواھي،
ھُجت حاجت نہ ڪا زور ۽ زاري،
اتي اکيون ويٺِي اٽڪائي عجب ھي،
دل اسان جي آھي، عجب ھي،
دل اسان جي آھي عجب ھي، دل اسان جي آھي.

محبوب منھنجو تون آھين سھڻا، ڏينھن قيامت تائين،
ڪرم اھو ٿئي يار ھتان بس، وڃان مانجهي مُنھن مَرڪائي،
دل اسان جي آھي عجب ھي، دل اسان جي آھي.

author

سنڌ جو ھي يگانو فقير پنھنجي منفرد تربيت رکندڙ صوفي فنڪار ۽ شاعر مانجهي فقير 1964 ڌاري ٻرهوڻ شريف، ضلعي سانگهڙ ۾ ھڪ فقيرمند انسان ۽ ڀٽائي جي عقيدتمند فقير در محمد بوداڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. ھن دنياوي...

ٽِڪليُون

ھِن ڪافي بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait