سونھن سان پنھنجو جڏھن سھڪار ٿي پيو
سونھن
سان
پنھنجو
جڏھن
سھڪار
ٿي
پيو،
عقل
کان
بس
نابري
انڪار
ٿي
پيو.
مرڪ
ڪنھنجي
موٽ
۾
مرڪيو
ھو
مون،
اِئين
پنھنجي
عشق
جو
اظھار
ٿي
پيو.
تو
حويليءَ
جي
دريءَ
مان
پئي
ڏٺو،
مون
سڪايل
جو
تہ
بس
ديدار
ٿي
پيو.
بند
اکين
۾
سوين
سپنا
تنھنجا،
اڻ
ڏٺو
توسان
تہ
ڄڻ
اقرار
ٿي
پيو.
تو
جڏھن
سرگوشيءَ
۾
ڳالهايو،
شرنائيءَ
تي
سر
اُھو
ملهار
ٿي
پيو.
جنھن
بہ
تنھنجي
سونھن
جي
ساراھ
ڪئي،
شاھ،
سانگي،
سو
حمل،
منٺار
ٿي
پيو.
ڪنھن
چيو
ٿا
ڪنڌ
گھرجن
قرب
۾،
سر
”حَسن“
ھٿ
تي
رکي
نروار
ٿي
پيو.
نئين ٽهيءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده شاعر حسن درس جو جنم، 5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مشائخ هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ ٿيو. حسن درس جا وڏا اصل ۾...
ٽيڪا ٽپڻي
ھيستائين ڪوبہ تبصرو ناھي ڪيل پنھنجِي راءِ ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو