نقش مونکي حسين ڳولي ڏي

نقش مونکي حسين ڳولي ڏي،
دلربا دل نشين ڳولي ڏي.

آنءُ تنھنجي ۽ تون بہ منھنجو آن،
بي يقيني يقين ڳولي ڏي!

جبر آڏو جهڪي نہ ٿي جيڪا،
مونکي اھڙي جبين ڳولي ڏي.

قاف سان قتل ٿي چڪي آھيان،
عشق جا عين شين ڳولي ڏي،

نانگ ڪارو جتي لِڪو آھي،
دوست! سا آستين ڳولي ڏي.

گهر تہ اجڙي صفا ويو آھي،
مون کي منھنجا مڪين ڳولي ڏي.

نڪ ٻُسي ڪين ٿي وڻان توکي،
نٿ جا موتي، نگين ڳولي ڏي.

ساري دنيا گهمي ڏني ھوندئي،
سنڌ جھڙي زمين ڳولي ڏي.

author

غزل جي نمائندہ شاعرہ روبينہ ابڙو، 24 آڪٽوبر 1971ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳيريلي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سندس غزل فڪري ۽ فني حوالي سان پختا ۽ پڙھندڙن کي متاثر ڪندڙ آھن. روبينہ جي سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ۽ اڪامڪس...

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait